پير جعفر علي شاهه

پير جعفر علي شاهه: نامور حڪيم ۽ عالم پير جعفر علي شاهه، 18 ڊسمبر 1904ع تي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ ’ڪنڊي‘ ۾ سنڌي ناليواري بزرگ ۽ حڪيم پير غلام نبي شاهه راشديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. 1924ع ڌاري سندس والد وفات ڪئي، والد جي وفات کانپوءِ کيس زمينداريءَ جي ذميواري سونپي وئي. ان وقت انگريزن جي حڪومت هئي 1921ع ۾ پير پاڳاري شاهه مردان شاهه اول جي وفات کانپوءِ صبغت الله شاهه راشدي (سورهيه بادشاهه) پاڳارو بڻيو ته راشدي خاندان به انگريز حڪومت جي سخت خلاف ٿي ويو.
پير جعفر شاهه علائقي جو معزز هئڻ ڪري ڪافي انگريز آفيسر سندس عزت ڪندا هئا، پر پير جعفر انگريزن کان ڪناره ڪشي ڪئي. پير جعفر ٽنڊي الهيار ۾ ريلوي اسٽيشن ماسٽر کان انگريزي سکي. ان وقت سورهيه بادشاهه تي غير قانوني هٿيار رکڻ جا ڪيس هلي رهيا هئا ۽ کين گرفتار ڪري رتناگيري جيل ۾ رکيو ويو هو. پير جعفر سورهيه بادشاهه جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. انهن ڪوششن جو ذڪر سورهيه بادشاهه جي خطن ۾ به ملي ٿو.
پير جعفر روزگار خاطر پهرين تلهار، بعد ۾ ڳوٺ ٻنگار لڳ پنگريي شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. پير جعفر علي زمينداري ۽ حڪمت ڪري ماڻهن جي ڪافي خدمت ڪئي. 1941ع ڌاري حر تحريڪ ۾ پير جعفر کي اهم ذميواريون سونپيون ويون. 20 مارچ 1943ع ۾ سورهيه بادشاهه جي شهادت کانپوءِ انگريز سرڪار پير جعفر عليءَ جي گرفتاري لاءِ پوليس ذريعي ڪافي ڇاپا هنيا، پر پاڻ درگاهه اجمير شريف هليو ويو. بعد ۾ اجمير کان سنڌ موٽي
پير جعفر جي حڪمت جي هاڪ ڪافي علائقن تائين هئي. هي نه رڳو هڪ حاذق حڪيم ۽ عالم هو، پر هڪ بهترين امين ۽ منصف به هو.
پير جعفر 6 مارچ 1971ع تي جهڏي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.12.18  عيسوي

امور حڪيم ۽ عالم پير جعفر علي شاهه، 18 ڊسمبر 1904ع تي ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ ’ڪنڊي‘ ۾ سنڌي ناليواري بزرگ ۽ حڪيم پير غلام نبي شاهه راشديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


1943.03.20  عيسوي

20 مارچ 1943ع ۾ سورهيه بادشاهه جي شهادت کانپوءِ انگريز سرڪار پير جعفر عليءَ جي گرفتاري لاءِ پوليس ذريعي ڪافي ڇاپا هنيا، پر پاڻ درگاهه اجمير شريف هليو ويو. بعد ۾ اجمير کان سنڌ موٽي


1971.03.06  عيسوي

پير جعفر 6 مارچ 1971ع تي جهڏي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄيٺي سپاهيملاڻي
جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ
سنڀو مل هميراڻي
رفيق عيساڻي
درس عبدالرحيم
طلعت اقبال
ٽوپڻ شيخ
ثابت بن ضحاڪ
راحت ٻائي
رحماني مفتي خان محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون